اسلام آباد:
قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ دوران آفيسرن ٻڌايو ته امپورٽ ٿيل موبائيل فونن تي ٽيڪس قيمت جو 54 سيڪڙو آهي.
سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي سرڪاري بلن تي غور ڪيو ويو.
ان دوران موبائيل فون تي ڊيوٽي جي معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو، جنهن تي ٽيڪس پاليسي آفيس جي عملدارن ٻڌايو ته موبائل فون تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ رعايتي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. مهانگي فونن تي 11500 ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو آهي. 500 ڊالرن جي فونن تي 76 هزار ٽيڪس لڳايو ويو آهي.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهي فون مقامي طور تي تيار ڪيا وڃن ته انهن تي ٽيڪس گهٽ آهي. درآمد ٿيل فون تي ٽيڪس قيمت جو 54 سيڪڙو آهي. مقامي طور تي تيار ٿيندڙ اهڙن فونن تي ٽيڪس گهٽائي 25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
سيد نويد قمر چيو ته انڪم ٽيڪس جي ضرورت ناهي جڏهن فون تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي اچي ته ان سان معيشت بهتر ٿيندي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ موبائيل فون تي ٽيڪس پاليسي واضح انداز ۾ پيش ڪئي وڃي.
پارلياماني بجيٽ آفيس بل 2026 ڪميٽي ۾ غور لاءِ پيش ڪيو ويو
اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر جاويد حنيف چيو ته هي بل مڪمل طور تي سرڪاري بل بڻجي ويو آهي. ڪميٽي کي بجيٽ تجويزون ڏيڻ جو به اختيار هجڻ گهرجي. نفيسه شاهه چيو ته پارلياماني بجيٽ آفيس کي به مانيٽرنگ ۽ نظرثاني جا اختيار هئڻ گهرجن.
ان موقعي تي سيد نويد قمر چيو ته ناڻي واري وزارت کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، اصل اختيار انهن وٽ ئي رهڻ گهرجي.
ڪميٽي ۾ بلال اظهر ڪياني چيو ته پارلياماني بجيٽ آفيس جون مالي ضرورتون قومي اسيمبليءَ مان پوريون ڪيون وينديون. بعد ۾ ڪميٽي پارلياماني بجيٽ آفيس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني.


