ارجنٽائن جو فٽبال اسٽار ليونل ميسي نئين قانوني تڪرار ۾ ڦاٿل آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ميامي ۾ قائم هڪ ايونٽ پروموٽر ڪمپني ليونل ميسي خلاف معاهدي جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي.
پروموٽر ڪمپني موجب ميسي گذريل سال منعقد ٿيندڙ هڪ نمائشي ميچ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي جنهن سبب کين وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
ميامي ڊيڊ سرڪٽ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل مقدمو، ميسي سان گڏ ارجنٽائن فٽبال ايسوسيئيشن ۽ اسپورٽس ايگزيڪيوٽو جولين مارڪوس ڪيپيلان جو نالو پڻ شامل آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊيل پروموٽر ڪمپني کي ارجنٽائن جي دوستانه ميچن کي پروموٽ ڪرڻ جا خاص حق ڏنا ۽ شرط رکيا ته ميسي هر ميچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽ کيڏندو.
پروموٽر دعويٰ ڪري ٿو ته ميسي جي شموليت انهن ميچن جي تجارتي ڪاميابي لاءِ بنيادي هئي.
الزامن موجب ميسي وينزويلا خلاف ميچ ۾ نه کيڏيو هو پر هو ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪلب انٽر ميامي لاءِ حاضر ٿيو ۽ ٻه گول ڪيا.
بعد ۾ هن پورٽو ريڪو جي خلاف ميچ ۾ حصو ورتو.
درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڌرين ڪانٽريڪٽ ۾ غلط بياني ۽ فراڊ ۾ ملوث آهي، معاملو هاڻي عدالت ۾ آهي.


