بالي ووڊ اداڪارا زرين خان سوشل ميڊيا تي ان وقت ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي جڏهن هن لباس جي هڪ برانڊ جي تقريب دوران فوٽوگرافر جي نامناسب تبصري تي سخت ردعمل ڏنو.
39 سالن جي اداڪارا تقريب ۾ برانڊ جي پروموشن ۽ فوٽو سيشن ڪرڻ ۾ مصروف هئي ته هڪ فوٽوگرافر کيس سڀني جي سامهون لباس پائڻ جو مشورو ڏنو.
ان نامناسب تبصري تي زرين خان فوري طور تي اعتراض ڪيو ۽ واضح لفظن ۾ چيو ته هوءَ ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندي ۽ نه ئي ڪنهن کي پنهنجي حدون پار ڪرڻ جي اجازت ڏيندي.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي جلدي وائرل ٿي وئي جتي صارفين جي وڏي انگ اداڪارا جي موقف جي حمايت ڪئي.
ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ هو ته زرين خان پنهنجي ڳالهه انتهائي مهذب انداز ۾ رکي ۽ نامناسب رويي جو بروقت جواب ڏنو، جڏهن ته ڪجهه صارفين سوال ڪيو ته فوٽوگرافر کي اهڙي جرئت ڪيئن ٿي؟
ياد رهي ته زرين خان بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2010 ۾ سلمان خان سان فلم ”وير“ سان ڪئي هئي ۽ بعد ۾ ڪيترن ئي ڪامياب فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا.
هوءَ آخري ڀيرو 2021 جي فلم ”هم به اڪيلو تم به اڪيلو“ ۾ نظر آئي هئي.


