ڪراچي پورٽ ٽرسٽ پنهنجي 138 سالن جي تاريخ ۾ ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ٽي 54 ڪروڙ 85 لک 85 هزار ٽن ڪارگو هينڊلنگ جو اڳوڻو رڪارڊ عبور ڪري ورتو آهي، ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ ميري ٽائيم شعبي جي ترقي جو واضح ثبوت آهي. جنيد انور چوڌري چيو ته پاڪستان کي خطي جو مضبوط سامونڊي ۽ تجارتي مرڪز بڻائڻ لاءِ سڌارا جاري آهن، بندرگاهن جي ترقي ۽ توسيع جي لاءِ قدم تيز ڪيا ويا آهن. بحري معاملن واري وزير چيو ته سيڙپڪاري، لاجسٽڪ ۽ پورٽ سسٽم جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ڪي پي ٽي جي چيئرمين، آفيسرن ۽ ملازمن جي محنت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت قابل تعريف آهي. ڪي پي ٽي جي چيئرمين ايڊمرل شاهد احمد چيو ته ڪراچي پورٽ جي گنجائش، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ انتظام جي صلاحيت ۾ نمايان بهتري آئي آهي. ڪراچي پورٽ جي مقابلي جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ قدم جاري رهندا.
Source link

ڪي پي ٽي جي 138 سالن جي تاريخ ۾ ڪارگو هينڊلنگ جو نئون رڪارڊ
Leave a Comment Leave a Comment

