گذريل مالي سال دوران، پاڪستان مجموعي طور تي 16.2 بلين ڊالر جي پرڏيهي قرض حاصل ڪيا، جن ۾ چين کان 1.7 بلين ڊالر جي ري فنانسنگ شامل آهي.
خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب سرڪاري انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته حڪومت کي گذريل مالي سال دوران پرڏيهي قرضن ۽ گرانٽس جي مد ۾ 19.92 ارب ڊالرن جو هدف ڏنو ويو هو پر ملڪي معيشت اهو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
انگن اکرن موجب مقرر هدف جي مقابلي ۾ پاڪستان کي 3.72 ارب ڊالر گهٽ ملي سگهيا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چين کان علاوه پاڪستان کي ٻين عالمي مالياتي ادارن کان به فنڊ مليا آهن.
سرڪاري دستاويزن موجب ان عرصي دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 953.74 ملين ڊالر جو قرض ورتو ويو، جيڪا ڪنهن هڪ اداري مان حاصل ڪيل سڀ کان وڏي رقم آهي.



