سينيئر پاڪستاني اداڪارا بشرا انصاري پنهنجي يوٽيوب چينل تان آمدني بابت گردش ڪندڙ افواهن جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.
مشهور پاڪستاني ميزبان ناديه خان سان هڪ ويلاگ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي مشهور اداڪارا بشرا انصاري اعتراف ڪيو ته هن ڪجهه وقت اڳ ويلاگ ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ ان حوالي سان جويريا سعود سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي.
بشرا انصاري يوٽيوب مان آمدني بابت ڳالهائيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سمورا دعوا ڪوڙ آهن. ”گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته يوٽيوب وارا تمام گهڻو ڪمائيندا آهن، پر سچ ان جي ابتڙ آهي، خاص ڪري جڏهن ٻيا پيشه ور وابستگيون هجن،“ هن چيو.
بشرا انصاري وڌيڪ چيو ته شوٽنگ جي مصروف شيڊول ۾ وولاگنگ جاري رکڻ سولو ڪم ناهي پر هوءَ جلد ڪينيڊا رواني ٿي ويندي ۽ اتان به پنهنجي مداحن لاءِ ويلاگ شيئر ڪندي رهندي.
سوشل ميڊيا تي مداحن بشرا انصاري جي وضاحت ۽ ايمانداري کي به ساراهيو.


