پاڪستان جي ڪنهن به خاص حصي کي يو اي اي مان ڊيپورٹ نه ڪيو پيو وڃي، گهرو وزارت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


گهرو وزارت گڏيل عرب امارتن مان پاڪستاني شهرين جي مبينا ملڪ بدر بابت سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه ميڊيا ۾ گردش ڪندڙ خبرن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اهڙيون خبرون غلط پروپيگنڊا آهن، جنهن جو مقصد غلط فهمي پيدا ڪرڻ ۽ ذاتي مفادن کي فائدو پهچائڻ آهي.

بچاءَ واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني شهرين کي يو اي اي سميت ڪنهن به دوست ملڪ مان ڪنهن خاص طبقي يا گروهه جي آڌار تي بي دخل نه ڪيو پيو وڃي.

گهرو وزارت موجب پاڪستاني شهري يو اي اي ۽ ٻين دوست ملڪن جي ويزا ۽ روزگار جي موقعن مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان ڪا به تعصب واري پاليسي ناهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي پکڙيل افواهون ۽ جعلي خبرون من گھڙت آهن ۽ مخصوص مقصدن لاءِ پکيڙيون پيون وڃن.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪنهن به پاڪستاني شهري کي پرڏيهه درپيش اهو مسئلو هر صورت ۾ پرڏيهي آفيس ذريعي لاڳاپيل ملڪ سان اٿاريو ويندو آهي ته جيئن شهري کي ممڪن سفارتي مدد فراهم ڪئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment