خيبرپختونخواهه حڪومت هڙتال ختم ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خيبرپختونخواهه حڪومت وفاق پاران صوبي سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ تي اڄ هڙتال ڪئي. صوبائي حڪومت جي ترجمان موجب اڄ سرڪاري آفيسن ۾ ڪو به سرڪاري ڪم نه ٿيو، رڳو هنگامي ڪم ڪيو ويو. وفاق پاران خيبرپختونخواهه سان امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي ايوارڊ، بجلي ۽ گيس ۾ صوبي سان جان بوجھائي تعصب ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اڄ سڄي صوبي ۾ هڙتال ڪئي وئي. ترجمان موجب عمران خان ۽ بشرا بي بي کي ذاتي طبيب جي نگراني ۾ علاج جون سهولتون فراهم نه ڪيون پيون وڃن، باني چيئرمين کي گهرڀاتين ۽ وڪيلن سان ملڻ جي اجازت نه ڏيڻ غير انساني ۽ غير قانوني آهي. وڏي وزير سهيل آفريدي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندڙ وڪيلن کي هڙتال ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment