وزيراعظم شهباز شريف پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سيز فائر معاهدي کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ان کان اڳ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم، فيلڊ مارشل، پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير جون سفارتي ڪوششون رنگ لائي رهيون آهن، ايران ۽ آمريڪا جنگ بندي معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهن. علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، ان لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن بابت هفتيوار شفاف فارمولو تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته شفاف فارمولي سان عوام کي قيمتن ۾ تبديلي جا سبب سمجهه ۾ ايندا، نئون فارمولو سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مڪمل مشاورت سان ٺاهيو ويندو. علي پرويز ملڪ چيو ته علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان ۾ آئل سپلائي چين بي ترتيب برقرار آهي، حڪومت انرجي سڪيورٽي فريم ورڪ جو ٻيهر جائزو وٺي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته رياستي مفادن جي تحفظ ۽ توانائي جي سلامتي لاءِ ڪيترن ئي نون قدمن تي ڪم جاري آهي، بحران دوران سهڪار تي سمورن ڀائيوارن ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون.
Source link

وزيراعظم پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي
Leave a Comment Leave a Comment

