وانڪوور، بي سي، ڪئناڊا:
ڪينيڊا هڪ طرفي مقابلي ۾ قطر کي 0-6 تان شڪست ڏئي پنهنجي پهرين فيفا ورلڊ ڪپ جي فتح حاصل ڪئي، پر اها شاندار ڪاميابي مڊ فيلڊر اسماعيل ڪون جي سخت زخمي ٿيڻ سبب ختم ٿي وئي.
وانڪوور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪينيڊا شروع کان ئي جارحاڻي انداز ۾ کيڏيو. 16هين منٽ ۾ سائل لارين گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، جڏهن ته 29هين منٽ ۾ جوناٿن ڊيوڊ گول ڪري اسڪور 0-2 ڪيو.
قطر کي 33 هين منٽ ۾ وڏو نقصان ٿيو جڏهن حمام الامين کي فاؤل تي ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو.
پهرين هاف جي اوور ٽائيم ۾ جوناٿن ڊيوڊ پنهنجو ٻيو گول ڪري ڪئناڊا جي برتري 0-3 ڪري ڇڏي.
افسوسناڪ واقعو ٻئي هاف ۾ پيش آيو جڏهن ڪينيڊا جو اسماعيل ڪون ۽ قطر جو عاصم عمر مديبو بال لاءِ ٽڪرائجي ويو. ڪون سخت زخمي ٿي پيو ۽ ڊگھي طبي علاج کان پوءِ کيس اسٽريچر تي کڻي ميدان ۾ آندو ويو.
واقعي کانپوءِ وي اي آر جي مدد سان مديبو جي پيلي ڪارڊ کي ريڊ ڪارڊ ۾ تبديل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ قطر جا 9 رانديگر گهٽجي ويا.
ڪينيڊين مداح اسماعيل ڪون جي حق ۾ نعرا هنيا، جڏهن ته زخمي رانديگر اسٽريچر تي هٿ جهلي سامعين جو شڪريو ادا ڪيو.
ٽيم جو هيڊ ڪوچ جيس مارش به رانديگر جي حالت ڏسي جذباتي ٿي ويو.
63 هين منٽ ۾ ناٿن ساليبا شاندار فري ڪِڪ ڪري ان کي 0-4 ڪري ڇڏيو ۽ جشن دوران هن پنهنجي زخمي ساٿي سان يڪجهتي لاءِ ڪارنر جي جرسي بلند ڪئي.
بعد ۾ قطر جي محمد المنائي بدقسمتي سان بال پنهنجي جال ۾ وڌو، جڏهن ته جونٿن ڊيوڊ اضافي وقت ۾ ٽيون گول ڪري هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪري اسڪور 0-6 ڪري ڇڏيو.
ڪئناڊا هن شاندار فتح کانپوءِ گروپ بي ۾ ٽاپ ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ ٽيم ناڪ آئوٽ اسٽيج تائين پهچڻ جي ويجهو آهي، اسماعيل ڪن جي زخم ايندڙ ميچن ۾ ڪئناڊا لاءِ وڏو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.


