نار ۾ جاري ويڙهه ۽ شپنگ لين ۾ خلل سبب پاڪستاني بندرگاهن تي واپاري سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. عرب نيوز موجب هچيسن پورٽس پاڪستان جو چوڻ آهي ته نئون سامان ڪيترن ئي جهازن ذريعي پاڪستان پهچندو، ٻه جهاز اڳ ئي بندرگاهه تي پهچي چڪا آهن جڏهن ته ٽيون جهاز جون جي پهرين هفتي ۾ پهچڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪراچي ۾ هچيسن پورٽ ٽرمينل 4 هزار نوان ٽران شپمينٽ ڪارگوز کي هٿي وٺرائيندو، جنهن کانپوءِ مارچ 2026 تائين مجموعي انگ 14 هزار 300 تائين پهچي ويندو، نار جي علائقي ۾ رڪاوٽن سبب عالمي شپنگ ڪمپنيون پاڪستان جي بندرگاهن کي ٻئي روٽ طور اهميت ڏئي رهيون آهن. بحريه جي عملدارن موجب نار جي بحران سبب نه رڳو ڪراچي پر گوادر پورٽ جي استعمال ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جتي سرگرميون 20 سيڪڙو کان وڌي 30 سيڪڙو ٿي ويون آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته گوادر بندرگاهه کي پرڪشش بڻائڻ لاءِ برٿنگ فيس ۾ 25 سيڪڙو، انٽرنيشنل ٽرانسپمينٽ ڪارگو چارجز ۾ 40 سيڪڙو ۽ ٽرانزٽ ڪارگو چارجز ۾ 31 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سي پيڪ 2.0، علائقائي واپاري راهداريون ۽ نئين سيڙپڪاريءَ سان گوادر پورٽ جي علائقائي اهميت ۾ اضافو ٿيندو. ماهرن موجب ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن جي وڌندڙ سرگرمي پاڪستان لاءِ علائقائي لاجسٽڪ ۽ ٽرانسپورٽ جو مرڪز بڻجڻ لاءِ سٺو اشارو آهي. پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ ڪراچي، پورٽ قاسم ۽ گوادر کي خطي جو اڀرندڙ واپاري ۽ لاجسٽڪ مرڪز بڻائي رهيو آهي.
Source link

پاڪستان جي سامونڊي واپار ۾ نمايان بهتري، ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن جي اهميت وڌي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

