جمعه ڪبري جي رمي کانپوءِ لکين حاجين جي قرباني، حج جا مکيه رڪن مڪمل

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سعودي عرب ۾ به لکين حاجين وڏي شيطان کي شڪست ڏيڻ بعد سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي قرباني ڏني. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب زائرين مقرر شيڊول ۾ قافلن جي صورت ۾ جمرات پهتا، جنهن کانپوءِ قرباني ڪئي وئي. قرباني کانپوءِ مرد حاجين پنهنجا مٿا مڙيا، جڏهن ته عورتن پنهنجا وار ڪٽيا ۽ احرام کوليو، جنهن سان حج جا مکيه رڪن مڪمل ٿي ويا. ياد رهي ته سعودي جي شماريات واري کاتي حج جي مناسڪن جي ڊيٽا جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته هن سال مجموعي طور تي 17 لک 7 هزار 301 ماڻهن حج ادا ڪيو. شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن سال 165 مختلف قوميتن سان تعلق رکندڙ 15 لک 46 هزار 655 پرڏيهي حاجين حج ادا ڪيو، جن ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پرڏيهي پڻ شامل آهن. سعودي عرب جي مقامي ماڻهن به وڏي انگ ۾ حج ادا ڪيو، رپورٽ موجب هن سال 1 لک 60 هزار 646 سعودي شهرين حج جا مناسڪ ادا ڪيا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment