اپر چترال ڪمانڊر پشاور ڪور جونيئر پولو ڪپ 2026 کٽي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


چترال:

چترال اپر جي ٽيم هڪ دلچسپ مقابلي بعد چترال لوئر کي شڪست ڏئي ڪمانڊر پشاور ڪور جونيئر پولو ڪپ 2026 کٽي ورتو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪمانڊر پشاور ڪور جونيئر پولو ڪپ 2026ع جو دلچسپ ۽ سنسني خیز فائنل چترال ۾ کيڏيو ويو.

مختلف علائقن مان آيل تماشائن جي وڏي انگ پولو جي روايتي راند مان لطف اندوز ٿي رانديگرن کي خوب داد ڏنو. عبدالله رضا کي فائنل ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

فائنل ميچ جي پڄاڻي تي مهمان خاص ڪور ڪمانڊر پشاور رانديگرن ۾ انعام ورهايا.

ان موقعي تي اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن کان علاوه عوام جو وڏو انگ پڻ موجود هو. ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته چترال جي عوام امن جو مطالبو ڪري رهي آهي.

چترال جي عوام ڪمانڊر پشاور ڪور جونيئر پولو ڪپ 2026 جي ڪامياب انعقاد تي پاڪ فوج، ايف سي ڪي پي نارٿ ۽ انتظاميه جا ٿورا مڃيا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment