جيڪ ڪيلز 21 هين صدي جو عظيم ڪرڪيٽر آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي آل رائونڊر جيڪ ڪيلس کي 21هين صدي جو عظيم ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو آهي.

ESPNcricinfo جي ماهرن ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽرن جي هڪ خاص جيوري 21 هين صدي جي عظيم انٽرنيشنل مرد ڪرڪيٽرن کي چونڊيو آهي، جن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي جيڪ ڪيلس، ڀارت جي سچن ٽنڊولڪر ۽ سريلنڪا جي متيا مرلي ٿرن کي اعلي اعزاز حاصل ڪيو ويو آهي.

سچن ٽنڊولڪر کي 2000ع کان 2025ع تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي صديءَ جو بهترين بيٽسمين، متيا مرليڌرن کي بهترين بالر ۽ جيڪ ڪيلس کي بهترين آل رائونڊر قرار ڏنو ويو.

عورتن جي ڪرڪيٽ ۾ آسٽريليا جي ايلس پيري کي 21هين صديءَ جي عظيم انٽرنيشنل ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو.

25 رڪني جيوري ۾ وسيم اڪرم، گريگ چيپل، فاف ڊو پليسي، ميٿيو هيڊن، اينجلو ميٿيوز، اوون مورگن، روي شاستري، ڊينيئل ويٽوري ۽ شين واٽسن شامل هئا.

سچن ٽنڊولڪر کي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪامياب ترين بيٽسمينن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.

هو ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ آهي ۽ اڄ به ڪيترائي بيٽنگ رڪارڊ رکي ٿو.

جيڪ ڪيلس، تاريخ جي عظيم آل رائونڊرز مان هڪ آهي، هن پنهنجي ڪيريئر ۾ 13,000 ٽيسٽ رنسون ۽ لڳ ڀڳ 300 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ان موقعي تي هن آسٽريليا ۽ انگلينڊ خلاف تاريخي ٽيسٽ سيريز جي فتوحات کي پنهنجي ڪيريئر جا يادگار لمحا قرار ڏنو.

مرلي ٿرن 800 ٽيسٽ وڪيٽون وٺي پنهنجي ڪيريئر جو خاتمو ڪيو ۽ ٻن ڏهاڪن تائين سريلنڪا جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڏکڻ آفريڪا جي اي بي ڊي ويليئرز کي بهترين ٽي 20 بيٽسمين جڏهن ته ڀارت جي جسپريت بمرا کي ٽي 20 جو بهترين بالر قرار ڏنو ويو.

25 عظيم مرد انٽرنيشنل ڪرڪيٽرن جي فهرست:

1. جيڪ ڪيلس

2. سچن ٽنڊولڪر

3. ويرات ڪوهلي

4. مٽيا مرليڌران

5. رڪي پونٽنگ

6. اي بي ڊي ويليئرز

7. ڪمار سنگاڪارا

8. ڊيل اسٽين

9. جو روٽ

10. اسٽيو سمٿ

11. آدم گلڪرسٽ

12. راهول دراوڙ

13. جيمس اينڊرسن

14. ايم ايس ڌوني

15. جسپريت بمرا

16. ڪين وليمسن

17. مچل اسٽارڪ

18. ڪرس گيل

19. بين اسٽوڪس

20. پيٽ ڪمنس

21. مهيلا جيا ورڌني

22. ويريندر سهواگ

23. کیون پيٽرسن

24. اسٽيورٽ براڊ

25. اشوين





Source link

Share This Article
Leave a Comment