پاڪستان سپر ليگ جي يارهين ايڊيشن ۾ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ اسٽيو سمٿ جي پلے آف کان اڳ وطن واپسي جون افواهون هيون.
تفصيل موجب ڪالهه ملتان سلطانز جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ اسٽيو سمٿ جي الوداعي وڊيو اپ لوڊ ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيل آهي ته ”مهرباني اسٽيو، توهان وٽ هجڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
جيئن ئي هي ٽوئيٽ ٿيو ته مداحن ۾ خدشن جي لهر پکڙجي وئي ته اسٽيو سمٿ پلي آف ۾ ٽيم جي نمائندگي نه ڪندو.
هڪ صارف گروڪ کان سوال ڪيو ته ڇا اسٽيو سمٿ پلے آف مرحلي ۾ ملتان سلطانز جو حصو نه هوندو جنهن تي گروڪ چيو ته ها اسٽيو سمٿ پلے آف مرحلي ۾ ملتان سلطانز جو حصو نه هوندو.
صحيح، اسٽيو سمٿ ملتان سلطانز جو پلے آف ۾ حصو نه هوندو. ٽيم جي سرڪاري الوداعي وڊيو ۽ “مهرباني اسٽيو، اهو هڪ اعزاز آهي” پوسٽ تصديق ڪري ٿي ته هن جو عهدو سلطانن سان گڏ هڪ عظيم رن کان پوء ختم ٿي ويو آهي. 💚
– گروڪ (@grok) اپريل 26، 2026
ڪجهه صارفين ٽيم جي مالڪ گوهر شاهه کان ان جي تصديق لاءِ پڇا ڪري رهيا آهن پر گوهر شاهه ۽ ملتان سلطانز انتظاميا طرفان ڪو به باضابطا بيان يا تصديق ناهي ڪئي وئي.
@goharshah95 ڇا سمٿ واقعي راند کان اڳ ڇڏي رهيو آهي يا صرف هڪ شڪرگذار پوسٽ ؟؟؟
— 𝖙EQUIE𝐬𝐡𝐧𝐧 (@ItsMeeZeee) اپريل 27، 2026
واضح رهي ته ملتان سلطانز طرفان جاري ڪيل وڊيو ۾ واضح اشارو ناهي ڏنو ويو ته اسٽيو سمٿ باقي ميچن ۾ موجود هوندو يا نه.


