پي ايس ايل: فخر زمان جي سينچري، لاهور ڪوئيٽا کي فتح لاءِ 198 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 9 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 30هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رنسون ٺاهيون.

گليڊي ايٽرز طرفان ريلي روسو 62 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. شميل حسين 53، ڪپتان سعود شڪيل 17، خواجا نفي 12، بريٽ هيمپٽن 7، بيون جيڪبز 2 ۽ حسن نواز 0 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

ابرار احمد 24 ۽ الزاري جوزف 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ پويلين موٽيو.

قلندرز طرفان حارث رئوف 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته سڪندر رضا، اساما مير، شاهين شاهه آفريدي ۽ عبيد شاهه هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ان کان اڳ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون، فخر زمان 51 بالن تي 103 رنسون ٺاهيون.

چارٿ اسالينڪا طرفان 31 رنسون، عبدالله شفيق 14 رنسون، شاهين آفريدي 8 رنسون، سڪندر رضا 5 رنسون ۽ محمد فاروق 4 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته ڊينيل سمز 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان خليل احمد 2 جڏهن ته ابرار احمد، بريٽ هيمپٽن ۽ عثمان طارق هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي اڄ جي ميچ ۾ فتح لازمي آهي، شڪست جي صورت ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment