فيفا ورلڊ ڪپ: هڪ ڏهاڪو اڳ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ ميسي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


هڪ ڏهاڪي اڳ 2016 ۾، ليونل ميسي ڪوپا آمريڪا جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ انٽرنيشنل فٽبال تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.

ان وقت ارجنٽائن مسلسل وڏين ناڪامين جو شڪار ٿي رهيو هو ۽ ميسي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي قومي ٽيم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.

بهرحال، بعد ۾ پنهنجي فيصلي تي غور ڪندي، هو واپس آيو ۽ اهو فيصلو سندس ڪيريئر جو سڀ کان يادگار موڙ ثابت ٿيو.

هاڻي، پنهنجي 39 هين سالگره کان صرف ٻه ڏينهن اڳ، ميسي آسٽريا جي خلاف ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ ٻه گول ڪري هڪ ٻيو تاريخي سنگ ميل پار ڪيو آهي.

ميسي ارجنٽائن جي 0-2 جي فتح ۾ ٻئي گول ڪري ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪورر بڻجي ويو.

هن ميچ جي شروعات ۾ هڪ پينالٽي مس مس ڪئي پر بعد ۾ شاندار واپسي ڪري هڪ خوبصورت گول ڪيو ۽ پوءِ اضافي وقت ۾ هڪ ٻيو گول ڪري سندس ورلڊ ڪپ جو انگ 18 ٿي ويو.

هن ڪارنامي سان هن اڳوڻي جرمن اسٽرائڪر ميروسلاف ڪلوس جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.

ميسي ورلڊ ڪپ جي هن وقت تائين 28 ميچن ۾ 18 گول ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هن ٽورنامينٽ ۾ ارجنٽائن جا سمورا پنج گول سندس نالي آهن.

ان کان علاوه، هو دنيا ۾ صرف ٽيون فٽبالر بڻجي ويو جنهن ڇهه مسلسل ورلڊ ڪپ ميچن ۾ گول ڪيو.

ماهرن ۽ اڳوڻي رانديگرن جو چوڻ آهي ته ميسي جي فٽبال انٽيليجنس، فٽنيس ۽ راند تي گرفت اڄ به غير معمولي آهي.

ارجنٽائن کي 2022ع ۾ ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ کانپوءِ به هو نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن کانپوءِ کيس فٽبال جي تاريخ جو عظيم ترين رانديگر قرار ڏيڻ جي بحث زور وٺي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment