آءِ سي سي مردن جو ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 لڳ ڀڳ 25 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آفريڪي سرزمين تي منعقد ٿيڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي گڏيل ميزباني ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ڪندا.
ميڊيا رپورٽن موجب ورلڊ ڪپ 2027ع 4 آڪٽوبر کان 21 نومبر تائين منعقد ٿيڻ جو امڪان آهي، تجويز ڪيل تاريخن جي منظوري انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي بورڊ جي تازي اجلاس ۾ ڏني وئي، جڏهن ته حتمي منظوري ايندڙ مهيني ايڊنبرا ۾ آءِ سي سي جي سالياني جنرل اجلاس ۾ متوقع آهي.
رپورٽن مطابق ڏکڻ آفريڪا ٽورنامينٽ ۾ اڪثر ميچن جي ميزباني ڪندو ۽ 54 مان گهٽ ۾ گهٽ 41 ميچون ملڪ جي 8 مختلف هنڌن تي کيڏيون وينديون. ٻئي طرف زمبابوي کي 8 کان 10 ميچن جي ميزباني جو امڪان آهي جڏهن ته نميبيا کي 3 ميچن جي ميزباني جو امڪان آهي.
اهو 2003 کان آفريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ پهريون مردن جو ون ڊي ورلڊ ڪپ هوندو. 2003 جو ايونٽ پڻ گڏيل طور تي ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ ڪينيا پاران منعقد ڪيو ويو هو.
ورلڊ ڪپ 2027 ۾ هڪ ٻي وڏي تبديلي 14 ٽيمن جي فارميٽ ۾ واپسي هوندي. گذريل ٻن ايڊيشن ۾ رڳو 10 ٽيمن حصو ورتو هو پر هاڻي ٽيمن کي 7-7 جي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو. هر گروپ مان ٽاپ ٽاپ ٽيمون سپر سڪس اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪنديون.
آءِ سي سي جي مڪمل ميمبر ملڪن جي حيثيت ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي جي سڌي ريت شرڪت جي توقع آهي، جڏهن ته نميبيا کي ايونٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڪواليفائنگ مرحلي مان گذرڻو پوندو.


