فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي راؤنڊ آف 32 ۾ مصر آسٽريليا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ پينلٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ميچ مقرري ۽ اضافي وقت ۾ هڪ هڪ گول جي برابري تي ختم ٿي، جنهن کانپوءِ ميچ جو فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ تي ڪيو ويو. پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ مصر 4 گول ڪيا جڏهن ته آسٽريليا 2 گول ڪيا، جنهن تي مصري ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي. هن تاريخي فتح کان پوءِ پري ڪوارٽر فائنل ۾ مصر جو مقابلو ارجنٽائن يا ڪيپ ورڊي ۾ ٿيندو. فتح کان پوءِ مصر جي اسٽار فٽبالر محمد صلاح ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي، جڏهن ته شڪست کانپوءِ آسٽريلوي رانديگر مايوس ۽ اداس نظر آيا.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ: مصر آسٽريليا کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو پري ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

