پاڪستان هاڪي فيڊريشن ۽ پاڪستان عرب ريفائنري ڪمپني (پارڪو) وچ ۾ هاڪي ڪوچز جي تربيت لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. تقريب ۾ پي ايڇ ڊي جي صدر محي الدين واني ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پارڪو مرتضيٰ قريشي ايم او يو تي صحيحون ڪيون جڏهن ته وفاقي سيڪريٽري پيٽروليم عابد يعقوب ۽ ذيشان نقوي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين واني چيو ته قومي راندين جي ترقي ۽ بحاليءَ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، ان مقصد لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪوچنگ جي معيار کي جديد گهرجن مطابق بهتر بڻائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪوچز لاءِ ٽريننگ پروگرام شروع ڪيو ويندو. محي الدين واني چيو ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن جونيئر ٽيمن جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ هاڪي کي ان جي وڃايل پوزيشن واپس آڻڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا ويندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سيڪريٽري پيٽروليم عابد يعقوب چيو ته پارڪو هڪ سٺي مقصد لاءِ نيشنل گيمز کي اسپانسر ڪري رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان پاڪستان هاڪي عالمي سطح تي پنهنجي وڃايل سڃاڻپ ٻيهر حاصل ڪري سگهندي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين واني چيو ته قومي ٽيم جي پرو ليگ ۽ ورلڊ ڪپ جي تيارين لاءِ رانديگرن کي عالمي معيار جي تربيت ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪورين هاڪي ٽيم کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني پئي وڃي ۽ ڪوريا جي ٽيم پاڪستان جي سينيئر ۽ جونيئر ٽيمن سان ميچون کيڏندي، جنهن سان قومي رانديگرن کي قيمتي عالمي تجربو حاصل ٿيندو.
Source link

پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو اهم قدم، ڪوچز جي تربيت لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون
Leave a Comment Leave a Comment

