ضلعي غربي جي علائقي حوا گوٹھ ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته سندس هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ترجمان ايس ايس پي اولهه موجب اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ شڪي ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران هڪ زخمي جوابدار سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب زخمي جوابدار جي سڃاڻپ محمد فراز ولد مشتاق جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل ٻين جوابدارن ۾ نصير علي ولد علي اصغر، محمد رمضان ولد اسماعيل ۽ اقبال ولد نهال شامل آهن. ايس ايس پي طارق الاهي مستوئي موجب جوابدارن جي قبضي مان 2 غير قانوني پستول، گوليون، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو پيو وڃي. واقعي جي حوالي سان ڪارروائي جاري آهي ۽ گرفتار جوابدارن جا اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ پڻ حاصل ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Source link

ڪراچي؛ حوا گوڙ ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ زخمي سميت 4 جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

