ڪراچي ۾ غير ملڪي شهرين کي ايم پي ايڪس جي تصديق

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي ۾ ايم پوڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو، جنهن کانپوءِ شهر ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 9 ٿي ويو آهي.

نيپا ۾ سنڌ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال اينڊ ريسرچ سينٽر جي ذريعن موجب گلستان جوهر جي رهواسي 40 سالن جي نوجوان ۾ ايم پوڪس جي تصديق ٿي آهي.

متاثر مريض کي نيپا اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي کيس طبي نگراني ۾ رکيو پيو وڃي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته مريض جي پرڏيهي سفر جي ڪا تاريخ نه هئي جڏهن ته سندس نمونن جي پي سي آر ٽيسٽ ۾ ايم پي ايڪس وائرس جي تصديق ٿي آهي.

ذريعن موجب سنڌ انفيڪشن ڊيزيز اسپتال ۾ هن وقت تائين ايم پوڪس جا 7 ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايم پوڪس ڪيسن جو ڪل انگ 9 ٿي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment