ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرقي 15 ورهين جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرقي جي عدالت 15 ورهين جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالت 15 ورهين جي نينگري سان زيادتي ۽ قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عرفان کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت جوابدارن کي 5 لک ڏنڊ جي سزا جو حڪم پڻ ڏنو. مدعي جي وڪيل محمد نواز ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار 15 ورهين جي زينب سان گهر ۾ اڪيلي سر زيادتي ڪئي. ميڊيڪل رپورٽ ۾ بدفعلي جو به انڪشاف ٿيو آهي.
جوابدار ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪئي ۽ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو. مقتول جي وارثن کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. پوليس موجب جوابدار خلاف مبينا ٽائون ٿاڻي تي 2023 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.


