پنجاب حڪومت پاران اعليٰ تعليمي ادارن جو نظام پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پنجاب حڪومت اعليٰ تعليمي ادارن جو نظام پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب ۾ اعليٰ تعليم سان لاڳاپيل سمورن تعليمي ادارن جي تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ جيڪي هن وقت پنجاب حڪومت تحت ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ايڪٽ 2025ع تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ پنجاب جي ناڻي واري وزير جي سربراهي ۾ تيرهن رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا هن نئين نظام جي ڪمرشل قانوني ۽ مالي ضرورتن جي نگراني ڪندي.

ڪميٽي جي ميمبرن ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير، هائير ايجوڪيشن وارو وزير، چيئرمين پي اين ڊي بورڊ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، سيڪريٽري قانون ۽ پارلياماني معاملن، سي آءِ او پنجاب پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي پي آر اي، چيئرپرسن پنجاب هائير ايجوڪيشن ڪميشن، چيف آپريٽنگ آفيسر پنجاب هاءِ ڪمشنر شامل آهن.

ذريعن موجب اعليٰ تعليم سان لاڳاپيل تعليمي ادارن کي پي پي پي موڊ تي هلائڻ جي نئين نظام ۾ پنجاب حڪومت پنهنجو مڪمل انتظامي ۽ مالي ڪنٽرول برقرار رکندي ۽ ان نظام تحت اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليمي نظام جو معيار وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ تعليم جي معيار کي عصر حاضر جي تقاضائن مطابق بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سسٽم تي عمل ڪيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment