جنگ جي ڊگهي رات کانپوءِ امن جو سج اڀرندو، پاڪستان جو ڪردار تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو: وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
5 Min Read


اسلام آباد:

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگ جي ڊگهي رات کانپوءِ امن جو سج اڀريو آهي. پاڪستان جو ڪردار تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا لبنان سميت سمورن محاذن تي فوجي آپريشن فوري ۽ مستقل بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان تاريخي معاهدي جي باضابطه تقريب 19 جون تي جنيوا ۾ ٿيندي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ڪندو.

ان پيش رفت تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته هي صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ معاهدو نه پر امن، ڳالهه ٻولهه ۽ ڏاهپ جي فتح آهي.

هن پنهنجي قائد ميان نواز شريف، صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سمورن سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان ڪاميابي ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جو اهم ڪردار آهي.

شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ايران جي سپريم ليڊر ۽ ايراني صدر کي به مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هنن ڏکين حالتن ۾ هوشياري، ڏاهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ دنيا امن جو عظيم ڏينهن ڏٺو آهي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان دنيا امن جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪيو آهي.

وزيراعظم ڳالهين جي عمل ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته هن تمام مثبت ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو. هن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ چيني صدر شي جن پنگ جا به ٿورا مڃيا جن امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڀرپور سهڪار ۽ مشورو ڏنو.

هن ان موقعي تي يورپ، برطانيا ۽ پاڪستان جي ٻين دوست ملڪن جا به ٿورا مڃيا.

شهبا زشريف چيو ته اڄ الله پاڪستان کي جيڪا عزت ۽ وقار عطا ڪيو آهي، قومون صدين کان ان کي ڳولي رهيون آهن. جنگ جي شعلن کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مخلصانه ڪوششن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. تاريخ ان ڪردار کي هميشه ياد رکندي.

ان ڪاميابي تي اسيمبلي ميمبرن ۽ پوري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ فخر جو ڏينهن آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي تقرير پاڪستان جي عظيم ۽ بهادر فرزند فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ذڪر کان سواءِ اُجهو رهندو. هن جنگ جي شعلن کي وسائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، ڪيترن ئي ڏکين مرحلن ۽ ناڪامين جي باوجود مسلسل صلاح مشورن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل رات جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو.

هن چيو ته جيڪڏهن خلوص، استقامت ۽ ڏاهپ جو اهو سفر جاري نه رهي ها ته دنيا ۾ امن جو خواب ٽٽي پوي ها ۽ جنگ وڌيڪ تباهي آڻي ها.

شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار کي به مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن امن عمل کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي خدمتن کي به ساراهيو ۽ چيو ته هن ايران جي حوالي سان اهم معاملن کي وڏي ذميواري ۽ لگن سان سنڀاليو.

ان سان گڏ هن پرڏيهي وزارت ۽ ٻين ادارن ۽ کاتن جي آفيسرن جي پيشه ورانه صلاحيتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

شهباز شريف چيو ته جنگ جي تباهيءَ سبب سڄي دنيا ۽ عالمي معيشت متاثر ٿي، پاڪستان جي معيشت به دٻاءُ جو شڪار هئي پر پاڪستاني قوم صبر جو مظاهرو ڪندي حڪومت جو ساٿ ڏنو.

هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بروقت فيصلا ڪري عوام کي مهانگائي جي امڪاني اثرن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ وڏن وزيرن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته امن معاهدي جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ عالمي معاشي فائدن کي استعمال ڪندي رليف ۽ فائدا هر پاڪستاني جي دلين تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي قيادت ان مقصد جي حاصلات تائين ڪم ڪندي رهندي ۽ جيستائين پنهنجي ذميواري پوري نه ڪندي چين تان نه ويهنداسين.





Source link

Share This Article
Leave a Comment