برازيل ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي 21 ورهين جي عورت بنجي جمپ دوران حفاظتي قدمن ۾ انتهائي لاپرواهي سبب فوت ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب برازيل ۾ 21 ورهين جي عورت رسي جو استعمال ڪندي 40 ميٽر اوچي پل تان ٽپو ڏيندي فوت ٿي وئي. عورت کي ايڊونچر سرگرمي لاءِ پل تان هيٺ ڌڪيو ويو پر منتظمين مبينه طور تي هن کي حفاظتي رسي سان ڳنڍڻ وساري ڇڏيو.
ماريا ايڊوارڊا روڊريگيز ڊي فريٽس نالي هڪ عورت پهريون ڀيرو هن ايڊونچر گيم جو تجربو ڪري رهي هئي ۽ هن پنهنجي خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ ان ۾ حصو ورتو پر اهو تجربو هڪ المناڪ حادثي ۾ تبديل ٿي ويو. اختيارين واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن
پوليس ۽ شاهدن موجب، عورت پليٽ فارم تان ٽپو ڏنو جڏهن هن جي حفاظتي رسي صحيح طرح سان ڳنڍيل نه هئي. حادثي کانپوءِ فوري طور تي امدادي ٽيمون ۽ فائر برگيڊ عملو موقعي تي پهچي ويو پر عورت سخت زخمي ٿيڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.
واقعي کانپوءِ انتظاميا سان لاڳاپيل 6 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته اختيارين لاپرواهي ۽ قتل جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
حادثي کان ڪجهه عرصو اڳ، عورت پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي تصويرون پڻ شيئر ڪيون هيون جنهن ۾ هن سرگرمي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت بابت سوال ڪيو هو.
ٻئي طرف ليميرا جي ميئر موريلو فيلڪس واقعي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙن خطرناڪ هنڌن تي حفاظتي اپاءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي اختيارين سان رابطو ڪيو ويندو. هن زور ڏنو ته جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ان هنڌ تي اڳ به ڌمڪيون مليون آهن.


