بيلجيم ۾ پاڪستاني هاڪي ٽيم جي اعزاز ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران آجيان ڪئي وئي.
تفصيل موجب تقريب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن، سفارتي عملدارن ۽ قومي ٽيم جي رانديگرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ميمبر بورڊ آف گورنرز چوڌري پرويز علي سنديلا، ڪوآرڊينيٽر طاهر علي شاهه پڻ شرڪت ڪئي.
پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي قومي هاڪي ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيسرن جو استقبال ڪيو.

هن چيو ته هاڪي جي قومي راند پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستاني ٽيم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندي، دنيا ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي.
ان موقعي تي پاڪستان هاڪي ٽيم جي چيف ڪوچ منظور الحسن پاڪستان جي سفارتخاني ۽ پاڪستان جي سفير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته بيلجيم ۾ پاڪستاني سفارتي عملي طرفان جنهن پيار، خلوص ۽ پيشه ورانهيءَ سان ٽيم جي ميزباني ڪئي وئي آهي اها قابل تعريف آهي.
ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن جي جذبي کي ساراهيندي ايندڙ ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم کي پرو هاڪي ليگ ۾ بيلجيم ۽ اسپين خلاف شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي.
هاڻي هو 19 جون تي بيلجيم سان ٻيهر مقابلو ڪندا ۽ 20 جون تي اسپين خلاف ٻيهر ميچ کيڏي ويندي.


