ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي مدينه ڪالوني ڊي چوڪ ۾ جهيڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب واقعو مدينا ڪالوني ڊي چوڪ وٽ پيش آيو جتي جهيڙي تي جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين جي سڃاڻپ فقير حسين، سڪندر، شوڪت، عبدالرحمان ۽ محمد حسين طور ٿي آهي.
سمورن زخمين کي ابتدائي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين ضروري طبي امداد ڏني پئي وڃي.


