22 ورهين جي ڀارتي اداڪارا جو موت، ڊپريشن ۽ هراسان ڪرڻ جا الزام سامهون اچي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ڀارتي ٽي وي اداڪارا سنچيتا اوگلي جي مبينا خودڪشي واري ڪيس ۾ سندس والد اهم انڪشاف ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڌيءَ ڪجهه وقت کان سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي ۽ ڪيترن ئي مسئلن کان پريشان هئي. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جي پيءُ مچندر اوگل واقعي کانپوءِ پنهنجي پهرين بيان ۾ چيو ته سنچيتا اڪثر اوچتو اداس ٿي ويندي هئي ۽ ذهني طور پريشان رهندي هئي پر هن ڪڏهن به پنهنجي پريشاني جو اصل سبب گهر وارن کي نه ٻڌايو. مچندر اگليءَ جو چوڻ هو ته گهر وارا مسلسل ڌيءَ سان گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، سندس حالت ڏسي پر ڪنهن کي به خبر نه هئي ته هوءَ ايڏو وڏو قدم کڻي سگهي ٿي. اداڪارا جي والد وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته سنجيتا تي مبينا طور تي مالي معاملن ۽ ٻين مطالبن ذريعي مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو سندس ڌيءَ کي مختلف سببن ڪري پريشان ڪري رهيا هئا، جنهن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. هن ڀارتي اختيارين کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن سنجيتا سان ڪا به ناانصافي يا زيادتي ڪئي وئي آهي ته ذميوارن جي نشاندهي ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي ۽ خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. واضح رهي ته 22 ورهين جي سنچيتا اوگلي جي موت ڀارتي ٽي وي انڊسٽري ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي جڏهن ته واقعي بابت مختلف دعوائون ڪيون پيون وڃن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment