قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي سوشل ميڊيا جي آمدني تي ٽيڪس جي منظوري پڻ ڏني

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي مالي سال 27-2026ع ۾ سوشل ميڊيا جي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اختيارين چيو آهي ته يوٽيوب مان ڊالر بئنڪن ۾ ايندا ته ود هولڊنگ ٽيڪس هوندو، سوشل ميڊيا تان ملڪ جي آمدني 10 ارب رپين تائين آهي. ايف بي آر موجب سوشل ميڊيا آمدني تي 5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي فنانس ڪميٽي جي اجلاس ۾ برآمد ڪندڙن تي هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز به منظور ڪئي وئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment