ڀارت جي 15 ورهين جي نوجوان بيٽسمين ويڀو سوريا ونشي سريلنڪا اي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي فائنل ۾ ڌماڪيدار بيٽنگ ڪندي لسٽ اي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ تيز ترين اڌ سينچري جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، ويڀو سوريا ونشي رڳو 11 بالن تي اڌ سينچري مڪمل ڪري 21 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ان کان اڳ اهو اعزاز سريلنڪا جي ڪوشليا ويراارتني وٽ هو. نوجوان ڀارتي بيٽسمين صرف 29 بالن تي 94 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 چوڪا ۽ 8 ڇڪا شامل هئا. هو لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ گڏيل تيز ترين سينچري اسڪور ڪرڻ جي ويجهو به آيو، پر مڊ آف تي 132 رنسن تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو، ويڀو پنهنجي اڌ سينچري دوران 5 چوڪا ۽ 5 ڇڪا هنيا ۽ سريلنڪن بالرن کي بي وس ڪري ڇڏيو. سندس جارحاڻي اننگز جو اسٽرائڪ ريٽ 324 کان وڌيڪ رهيو، شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ نوجوان بيٽسمين هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرڪيٽ مداحن جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جڏهن ته هو هلندڙ مهيني ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ به تيار آهي.
Source link

ڀارتي نوجوان بيٽسمين سوريا ونشي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين اڌ سينچري ٺاهي
Leave a Comment Leave a Comment

