66 سالن جو تيل ۾ تريل ڪڪڙ! جاپاني ريسٽورنٽ جي انڪشاف هڪ هلچل پيدا ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



جاپان جي هڪ مشهور فرائيڊ چڪن ريسٽورنٽ هڪ اهڙو انڪشاف ڪيو آهي جنهن سوشل ميڊيا تي ڌماڪو مچائي ڇڏيو آهي. جاپان فرائيڊ چڪن گرانڊ پرڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ريسٽورنٽ ’وڪاٽوري‘ جي مالڪ چيو آهي ته سندس لذيذ مرغي جو راز هڪ تيل آهي جيڪو گذريل 66 سالن کان استعمال ڪيو پيو وڃي. ريسٽورنٽ جي ٽئين نسل جي مالڪ Yoshihiro Tsuchiya جي مطابق 1960ع ۾ دڪان قائم ٿيڻ کان وٺي فرائينگ آئل ڪڏهن به مڪمل طور تي رد نه ڪيو ويو آهي، سندن دعويٰ آهي ته هي ’پراڻو تيل‘ ڪڪڙ کي هڪ منفرد ذائقو ۽ خوشبو ڏئي ٿو جيڪو نئين تيل سان حاصل نٿو ڪري سگهجي. حيران ڪندڙ انڪشاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل کي جنم ڏنو، ڪيترن ئي صارفين ان خدشي جو اظهار ڪيو ته 66 سال پراڻي تيل جو استعمال عوام جي صحت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته، ريسٽورنٽ جي انتظاميا واضح ڪيو ته اهي اصل ۾ ساڳيو 66 سالن جو تيل استعمال نه ڪري رهيا آهن. هر رات تيل کي احتياط سان فلٽر ڪيو ويندو آهي ته جيئن گوشت جا ذرڙا ۽ ٻين نجاست کي ختم ڪري سگهجي، جڏهن ته پراڻي تيل جي صرف ٿوري مقدار کي ذائقي جي بنياد طور محفوظ ڪيو ويندو آهي ۽ نئين تيل ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. انتظاميه موجب ان مسلسل عمل جي ڪري 1960ع واري ڏهاڪي کان اصل تيل جا چند ماليڪيول اڄ به تيل جي ميلاپ جو حصو آهن پر روزانو استعمال ٿيندڙ تيل جو گهڻو حصو نئون آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، هن منفرد انداز Wakatori کي جاپان جي بهترين فرائيڊ چکن ريسٽورنٽ مان هڪ بڻائي ڇڏيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment