اسلام آباد:
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سفري پابندين ۽ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين تي سفري پابندين بابت اهم فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به شهري تي سفري پابنديون صرف قانوني اختيار ۽ مقرر قانوني طريقيڪار موجب ئي لڳائي سگهجن ٿيون.
عدالت بغير ڪنهن جواز جي پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (پي سي ايل) ۾ نالو شامل ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي شهري زين عتيق جو نالو لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالتي فيصلي موجب زين عتيق جو نالو جولاءِ 2022ع ۾ ترڪي مان ڊي پورٽ ٿيڻ کانپوءِ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، بعد ۾ شهري جي درخواست تي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) 2 سال گذرڻ سبب نالو لسٽ مان ڪڍڻ جي سفارش به ڪئي، پر پاسپورٽ اختيارين غير حاضري جي بنياد تي درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت چيو ته پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ غير قانوني طور داخل ٿيڻ يا ممنوع ايڪٽ جي ڪري ملڪ بدر ڪرڻ واري شخص کي بااختيار اختيارين جي منظوري کان سواءِ اڻڄاتل مدي تائين برقرار نٿو رکي سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو ته رڪارڊ تي ڪو به ثبوت نه آهي ته ڪنهن بااختيار اختيارين پي سي ايل ۾ درخواست ڪندڙ جو نالو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نه ئي پاڪستان يا ترڪي ۾ سندس خلاف سزا يا التوا واري ڪيس جو ڪو رڪارڊ موجود آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته شهرين تي سفري پابنديون قانوني اختيار ۽ طئي ٿيل طريقيڪار تحت ئي لڳائي سگهجن ٿيون.
عدالت چيو ته موجوده ڪيس ۾ لاڳاپيل اختيارين قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، جڏهن ته حتمي اختيار پاسپورٽ اٿارٽي وٽ آهي، قانوني سببن کانسواءِ ايف آءِ اي جي سفارش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
عدالت وڌيڪ چيو ته درخواستگذار خلاف ڪو به فوجداري ڪيس التوا ۾ ناهي، ڪنهن بااختيار عدالت مان سزا ٻڌائڻ جو ڪو به رڪارڊ ناهي ۽ پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو رکڻ جو جواز پيش ڪرڻ جو ڪو به قانوني بنياد سامهون ناهي آيو، تنهن ڪري سندس نالو فوري طور لسٽ مان ڪڍيو وڃي.


