عالمي بلين مارڪيٽ ۽ مقامي ايڪسچينج مارڪيٽن ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه وڌيڪ 41 ڊالر گهٽتائي سان 4 هزار 24 ڊالر جي سطح تي اچي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي سبب اڱاري ڏينهن مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ سون جو في تولو اگهه 4 هزار 100 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 24 هزار 836 رپين جو ٿي ويو. اهڙي ريت سون جو في 10 گرام اگهه 3515 رپيا گهٽتائي سان 364228 رپيا ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي ڀيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 25 سينٽس وڌي 58 ڊالر 70 سينٽس ٿي ويو. مقامي بلين مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 25 رپين جي واڌ سان 6 هزار 349 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 22 رپيا وڌي 5 هزار 443 رپيا ٿي ويو.
Source link

سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري، في تولا جي قيمت جو ڇا ٿيو؟
Leave a Comment Leave a Comment

