بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا پنهنجي جعلي AI (آرٽيفيشل انٽيليجنس) وڊيوز، تبديل ٿيل تصويرون ۽ ٻين غير مجاز ڊجيٽل مواد خلاف بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
درخواست ۾ پريتي زنٽا الزام هنيو آهي ته مصنوعي ذهانت ذريعي سندس مشابهت استعمال ڪندي ڊيپ فيڪ وڊيوز، تبديل ٿيل تصويرون ۽ چيٽ بوٽ طرز جو مواد سندس اجازت کانسواءِ ٺاهي ۽ شايع ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سندس شهرت متاثر ٿي سگهي ٿي.
اداڪارا عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سوشل ميڊيا ۽ مختلف آن لائين پليٽ فارمن تان سندس نالو ۽ سڃاڻپ استعمال ڪندي ٺاهيل سمورن تڪراري مواد کي فوري طور تي هٽايو وڃي جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙي مواد جي اشاعت تي به پابندي لڳائي وڃي.
درخواست جي ٻڌڻي جسٽس ماڌو جمعدار جي سربراهي ۾ ٿي، جتي عدالت ابتدائي دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاڳاپيل ڌرين ۽ آن لائين پليٽ فارمز کي هدايت ڪئي ته هو تڪراري مواد هٽائڻ لاءِ گڏيل طريقيڪار سان گڏ اچن.
ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 جولاءِ تي ٿيندي.
ياد رهي ته ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي آرٽيفيشل انٽيليجنس استعمال ڪندي وڊيوز، تصويرون يا آڊيو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي جنهن ۾ ڪنهن شخص کي اهو چوڻ يا ڪندي ڏيکاريو ويندو آهي جيڪو حقيقت ۾ ڪڏهن به نه ٿيو هجي.


