ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ پاڪستان جي قومي ٽيسٽ ٽيم جو اعلان اڄ ڪيو ويندو. ذريعن موجب چونڊيل رانديگرن جو اعلان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويندو، جتي ٽيسٽ اسڪواڊ سان گڏ ڪپتان جي نالي جو به اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي ڊوڙ ۾ به شامل آهي. موجوده ڪپتان شان مسعود سان گڏ ڪپتاني لاءِ بابر اعظم جي نالي تي به غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ڪجهه عملدار ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ٻيهر بابر اعظم کي ڏيڻ جي حق ۾ آهن پر حتمي فيصلو سليڪشن ڪميٽي ۽ بورڊ جي مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو. اڄوڪي پريس ڪانفرنس ۾ قومي ٽيسٽ ٽيم ۽ ڪپتاني بابت سموري صورتحال واضح ٿيڻ جو امڪان آهي.
Source link

ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ ٽيم جو اعلان اڄ ڪيو ويندو
Leave a Comment Leave a Comment

