ايران پنهنجي سرزمين تي تازي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته انهن ڪاررواين گذريل ڪيترن ئي مهينن جي سفارتي ڪوششن کي بي معنيٰ ۽ ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ آمريڪا سان جنگبندي وارو مفاهمتي معاهدو ختم ٿي ويو آهي.
هن چيو ته ايران ڪڏهن به مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ۽ آمريڪا بار بار معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ايران پڻ ايم او يو تي عمل نه ڪندو جيستائين ٻئي طرف پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري.
ايراني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جا تازا حملا گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن ۽ رياستي خودمختياري جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن. تهران موجب اهي حملا نه رڳو خطي پر عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي مختلف فوجي هدفن تي حملن جو هڪ ٻيو دور ڪيو آهي. آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته انهن ڪاررواين جو مقصد ايران جي آبنائے هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.
ايران آمريڪي موقف کي رد ڪندي واشنگٽن تي الزام لڳايو ته هو گذريل ڪجهه مهينن دوران خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ اولهه ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سمورن سفارتي ڪوششن کي سبوتاز ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي آبنائے هرمز جي انتظامن ۽ اتي ضروري حفاظتي قدمن ۾ مداخلت ڪري هن اهم سامونڊي لنگهه ۾ عدم استحڪام پيدا ڪيو آهي.
تهران جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجي مداخلت عالمي تجارتي شپنگ کي متاثر ڪيو آهي، عالمي واپار ۽ علائقائي سلامتي لاءِ نوان خطرا پيدا ڪيا آهن.
سياسي مبصرن جي مطابق، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نه رڳو وچ اوڀر، پر عالمي توانائي مارڪيٽن، سامونڊي واپار ۽ بين الاقوامي سفارتي ڪوششن تي پڻ گهرا اثر پئجي سگهي ٿي.


