لاهور: لاهور جي سيشن ڪورٽ آن لائن جوا ايپ جي اشتهار ڏيڻ واري ڪيس ۾ اقرا ڪنول ۽ سندس مڙس اريب جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
ايڊيشنل سيشن جج نصرت علي صديقي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو. ٻڌڻي دوران جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ حاضري مڪمل ڪئي.
ياد رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جوابدارن خلاف آن لائن جوا ايپ جي تشهير تي ڪيس داخل ڪيو آهي.


