آءِ سي سي جي نئين فارميٽ 2027 ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي اهميت ڇو وڌي وئي؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نئين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ فارميٽ کانپوءِ 2027 ون ڊي ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز جي اهميت وڌي وئي آهي.

تفصيل موجب 10 ٽيمن تي ٻڌل هن ايونٽ جي فاتح ٽيم سڌو سنئون ورلڊ ڪپ جي مين اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪندي ۽ ان کي شروعاتي سپر سيريز کيڏڻ جي ضرورت نه پوندي.

ذريعن موجب ڪواليفائر 2027 ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ان جي ميزباني ۽ فائنل شيڊول جو اعلان ٿيڻو آهي.

مقابلي جو فارميٽ 2023 جي ڪواليفائرز سان ملندڙ جلندڙ هجڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ 10 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن کانپوءِ سپر سڪس اسٽيج ٿيندي.

آءِ سي سي جي نئين نظام تحت سيپٽمبر 2026 تائين ون ڊي رينڪنگ ۾ ٽاپ 8 ٽيمون ميزبان طور ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي سان گڏ سڌو سنئون ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪنديون، جڏهن ته ڪواليفائرز جي فاتح ٽيم به مکيه اسٽيج ۾ داخل ٿيندي.

ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آيل ٽيمن کي سپر سيريز کيڏڻو پوندو، جنهن ۾ صرف هڪ ٽيم ايندڙ مرحلي ۾ پهچندي ۽ باقي ٻه ميچون کٽڻ بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويندي.

ڪل 10 ٽيمون ڪواليفائرز ۾ حصو وٺنديون، جن ۾ ٻه هيٺين رينڪنگ مڪمل ميمبر ٽيمون، ليگ 2 جون چار بهترين ٽيمون ۽ ڪواليفائر پلے آف مان چار ٽيمون شامل هونديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment