”طلاق ٿيندي“، رجب بٽ مصالحت جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


مشهور پاڪستاني يوٽيوب رجب بٽ پنهنجي زال ايمان فاطمه سان صلح جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ٻنهي وچ ۾ ڳالهيون بهتر نه ٿيون آهن ۽ طلاق لاءِ قانوني ڪارروائي جاري رهندي.

ڪجهه وقت اڳ ايمان فاطمه جي ڀاءُ عون شيخ دعويٰ ڪئي هئي ته ٻنهي خاندانن ۾ صلح ٿي وئي آهي ۽ اهو فيصلو ماءُ جي صلاح تي ڀيڻ ۽ ٻار جي بهتري لاءِ ڪيو ويو آهي.

رجب بٽ تازو ئي سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سندس ۽ ايمان فاطمه وچ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان کانپوءِ هاڻي ڪجهه به طئي نٿو ٿي سگهي، قانوني ڪارروائي ۾ وقت لڳندو پر طلاق ضرور ٿيندي.

يوٽيوبر وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي پٽ جي مالي ذميدارين کي هميشه پورو ڪندو ڇو ته اهو سندس فرض آهي پر عون شيخ ۽ ايمان فاطمه کي مفاهمت جي ڪوڙي دعويٰ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

ٻئي طرف رجب بٽ جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڪجهه صارفين سوال اٿاريو ته جيڪڏهن صلح نه ٿي ته رجب بٽ ايمان فاطمه کي گل ڇو موڪليا؟ جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته ٻنهي وچ ۾ صلح جا ڪي به آثار نظر نه پيا اچن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment