ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مشي خان ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاران شهر ۾ سائيڪل ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ واري قدم تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ مشي خان چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ سائيڪل ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ شهرين سان مذاق آهي.
مشي خان چيو، ”ڇا تون ٻاهران آيل سائيڪل ريس ڪندڙ ماڻهن کي ننڍين ۽ تنگ گهٽين ۾ سائيڪل هلائڻ جي دعوت ڏيندين؟
هن چيو ته مريضن کي فوري ۽ تيز طبي امداد جي ضرورت آهي، سائيڪل ايمبولينس ذريعي مريض کي منتقل ڪرڻ ڏکيو ۽ وقت لڳندو.
هن چيو ته بهتر هجي ها ته سائيڪل بدران موٽر سائيڪل ايمبولينس سروس شروع ڪئي وڃي جيڪا ٽريفڪ ۽ تنگ گهٽين مان تيزيءَ سان هلي سگهي ٿي ته جيئن مريض کي ويجهي اسپتال پهچايو وڃي.
مشي خان مرتضيٰ وهاب کي صلاح ڏيندي چيو ته شهرين سان اهڙو مذاق نه ڪريو، بهتر آهي ته ڪاميڊي شو شروع ڪيو وڃي.


