اسلام آباد:
سعودي حڪومت پاڪستان ۾ پنهنجو نئون سفير نامزد ڪري ڇڏيو آهي. راجه ٽامي البوگامي جلد چارج سنڀاليندو.
ايڪسپريس نيوز موجب نامزد سفير 2024ع ۾ ميجر جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿيو، رٽائرمينٽ کانپوءِ هو سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت ۾ شامل ٿيو، جتي کيس سفير مقرر ڪيو ويو.
کيس پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نامزد ڪيو ويو. هن ڪالهه ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان جي سامهون عهدي جو حلف ورتو.
هن 2015 ۾ برونيل يونيورسٽي لنڊن مان هيومن ريسورس مئنيجمينٽ (HRM) ۾ پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي.


