روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي منظوري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سنڌ ڪابينا روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي فنڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ 40 ۽ 60 سيڪڙو لاڳت جي حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فنڊنگ جو فيصلو هڪ ارب 27 ڪروڙ 71 لک 60 هزار رپين جي بولي کانپوءِ ڪيو ويو. ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته سنڌ جو 40 سيڪڙو حصو 2 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي ڪابينا 49 ڪروڙ 75 لک 74 هزار رپيا پاڪستان ريلوي جي حق ۾ گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي ڪابينا جي فيصلي موجب رقم سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ جي حوالي ڪئي وئي، منصوبو لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ تحت مڪمل ڪيو ويندو. روهڙي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جو منصوبو مالي سال 2025-26 ۾ مڪمل ڪيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment