هندستان جي نام نهاد پرڏيهي پاليسي بي نقاب ٿي، آمريڪي دٻاءُ هندستاني عوام کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مودي حڪومت عوامي مفادن کي پوئتي ڌڪي آمريڪي دٻاءُ آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا آهن.

ڀارتي اخبار اين ڊي ٽي وي موجب آمريڪا روس کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڀارت کي ڏنل رعايتون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

روسي تيل جي خريداري تي رعايت هندستان کي تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽ جي باوجود اضافي ذخيرا حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو. آمريڪا جي رعايت کان پوءِ ڀارتي ريفائنريزن تقريبن 3 ڪروڙ بيرل روسي تيل جا آرڊر ڏنا آهن.

آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنٽ موجب ڀارت پاران 11 مارچ کان اڳ خريد ڪيل تيل جا رعايتي سودا هاڻي ختم ٿي ويا آهن.

ماهرن موجب آمريڪا طرفان روسي تيل تي ڀارت لاءِ استثنيٰ جي مدت ختم ٿيڻ ثابت ٿئي ٿو ته ڀارت جي پرڏيهي پاليسي واشنگٽن جي رحم ڪرم تي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment