ريلوي واري وفاقي وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) ۽ سب اربن ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ڪراچي کان روهڙي ۽ ڪراچي کان جيڪب آباد (ڪوٽڙي، دادو، لاڙڪاڻو ذريعي) نئين ٽرين سروس شروع ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي سان سندن وفد اهم ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ميونسپل سيڪريٽري وسيم شمشاد، وڏي وزير جو سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاڪستان ريلوي جي وفد ۾ چيئرمين ريلوي سيد مظهر علي شاهه، جنرل مئنيجر حفيظ الله، ڊي آءِ جي منير شيخ ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ريلوي منصوبن تي اهم فيصلا ڪيا ويا. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ملاقات وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٿي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي فوري طور تي موثر ۽ سستي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ضرورت آهي. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل ڪوششن ذريعي ريلوي نظام کي جديد ۽ قابل اعتماد بڻايو ويندو. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪي سي آر جي بحالي کانپوءِ بي آر ٽي بسون فيڊر سروس طور هلنديون. چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ حڪومت ملير هالٽ تي انڊر پاس ٺاهڻ چاهي ٿي پر ريلوي جي اين او سي ۾ دير ٿيڻ سبب اهو منصوبو شروع نه ٿي سگهيو آهي. ريلوي واري وزير حنيف عباسي ملير هالٽ انڊر پاس جي تعمير لاءِ اين او سي فوري طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ريلوي ٽريڪ تي گرين ڪوريڊور ۽ ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گرين بيلٽس ماحولياتي بهتري ۽ حددخلين جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿينديون. اجلاس ۾ ريلوي جي زمين تي قبضن خلاف سخت آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ريلوي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي. ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته ريلوي جي زمين قومي اثاثو آهي، ان جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هاءِ ريسڪ ڪراسنگ کي فوري طور اپ گريڊ ڪيو وڃي، عوام جي حفاظت پهرين ترجيح آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪندا.
Source link

ريلوي واري وزير ۽ سنڌ جي وڏي وزير ڪي سي آر ۽ سب اربن ٽرين سروس بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

