جنگ هاڻي ايران ۾ سخت گير ۽ اعتدال پسندن جي وچ ۾ آهي. ترجمان وائيٽ هائوس

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو آهي ته ايران سان جنگبندي ۾ واڌ جي ڪا به آخري تاريخ ناهي.

عالمي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران ۾ سخت گير ۽ اعتدال پسند ڌرين وچ ۾ هن وقت جنگ جاري آهي، جن جي وچ ۾ جنگبندي جي حوالي سان اختلاف آهي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ ايراني قيادت جي هڪ ٻي متفقه جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي. ان ڪري هنن ايران کي هڪ موقعو ڏنو آهي ته هو جنگ بندي جي مدي ۾ واڌ جو اعلان ڪري لچڪ ڏيکاري.

وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي فوجي حملن ۽ آپريشنز ۾ عارضي توقف آهي پر ايران تي معاشي دٻاءُ ۽ ان جي بحري ناڪابندي برقرار رهندي.

ڪيرولين ليويٽ واضح ڪيو ته صدر ٽرمپ جنگبندي ختم ڪرڻ جي ڪا حتمي تاريخ مقرر نه ڪئي آهي. ميڊيا ۾ ٽن کان پنجن ڏينهن واري عرصي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، سچ نه آهي.

پنهنجي تقرير جاري رکندي هن وڌيڪ چيو ته جنگبندي جي مدي ۾ واڌ ڪڏهن ختم ٿيندي، حتمي فيصلو صدر ٽرمپ پاڻ ڪندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment