يهودي آبادگارن اولهه ڪناري ۾ فلسطيني اسڪول تي حملو ڪيو. استاد ۽ شاگرد شهيد

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ويسٽ بئنڪ ۾ اسڪول تي اسرائيلي آبادگارن جي حملي ۾ هڪ شاگرد سميت 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب يهودي آبادگارن مغربي ڪناري جي ڳوٺ المغر ۾ اسڪول تي حملو ڪيو ۽ اتي موجود ماڻهن تي وحشياڻو تشدد ڪيو.

ان وحشياڻي حملي ۾ 14 ورهين جو شاگرد اوس حمدي النسان ۽ 32 ورهين جو جهاد مرزوق ابو نعيم شهيد ٿي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اسڪول جي پرنسپال بسام ابو آصف جو چوڻ هو ته حملي وقت شاگرد پنهنجو ماهوار امتحان ڏئي رهيا هئا ته هٿياربند يهودي آبادگار زبردستي اسڪول ۾ داخل ٿيا.

ياد رهي ته آڪٽوبر 2023 کان وٺي ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج ۽ يهودي آبادڪارن جي حملن ۾ 1000 جي لڳ ڀڳ فلسطيني مارجي چڪا آهن.

انهن ۾ وڏو انگ عام شهرين ۽ ٻارڙن جو آهي، جڏهن ته سوين گهرن، زرعي زمينن ۽ ملڪيتن کي به نقصان پهتو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment