خلائي پروگرام لاءِ ٻه پاڪستاني چونڊيا ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


چين پنهنجي انساني خلائي پروگرام لاءِ ٻن پاڪستاني خلابازن کي اميدوار طور چونڊيو آهي، ٻئي اميدوار تربيت لاءِ چين روانا ٿي ويا آهن.

چين جي سرڪاري نشرياتي اداري اربع تي پنهنجي رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. انهن ٻن پاڪستانين ۾ خرم دائود ۽ محمد ذيشان شامل آهن جيڪي چين روانو ٿي ويا آهن.

اها پيش رفت پاڪستان جي خلائي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان پيش رفت کانپوءِ پاڪستان انهن محدود ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪي انساني خلائي سفر جي پروگرام ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

پاڪستان پهريون ڀيرو چائنا اسپيس اسٽيشن مشن ۾ حصو وٺڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جيڪو 2026 جي آخر ۾ متوقع آهي، جنهن ۾ هڪ پاڪستاني خلاباز شين زو مشن دوران پيل لوڊ ماهر جي حيثيت سان ڪم ڪندو.

چين جي خلائي اسٽيشن تي مشن دوران پاڪستاني خلاباز مائيڪرو گريوٽي ۾ ڪيترائي سائنسي تجربا ڪندو، انهن تجربن جو دائرو مواد سائنس، فلوئڊ فزڪس، لائف/بائيو سائنس ۽ بايو ٽيڪنالاجي سميت اهم شعبن تي مشتمل هوندو.

انهن تحقيقن جا نتيجا موسمي تبديلين کي منهن ڏيڻ، فوڊ سيڪيورٽي کي فروغ ڏيڻ ۽ صنعتي جدت جي شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ۽ لازوال دوستي کي به خراج تحسين پيش ڪيو. انساني خلائي مشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪستان جي چونڊ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جو هڪ ٻيو عملي مظهر آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment