سنڌ جي گورنر جي ٽوپي لاهڻ جون خبرون بي بنياد آهن

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


سکر: روهڙي ريلوي اسٽيشن تي گورنر سنڌ جي ٽوپي لاهڻ واري وائرل وڊيو کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، ريلوي پوليس جي ترجمان واقعي جي وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي.

ترجمان موجب سنڌ جي گورنر جو روهڙي اسٽيشن پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پڻ پيش ڪئي وئي.

وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو کي غلط طور تي پيش ڪيو ويو، جنهن سان تاثر ڏنو ويو ته سنڌ جي گورنر جي ٽوپي زبردستي هٽائي وئي، جيڪا حقيقت ناهي.

ترجمان موجب اها ڪيپ سندس سيڪريٽري سنڌ جي گورنر جي اجازت سان هٽائي هئي، جنهن کي بنا جواز ڏيکاريو ويو هو.

ياد رهي ته سنڌ جو گورنر نهال هاشمي گذريل ڏينهن ڪراچي کان ٽرين ذريعي سکر پهتو هو جتي هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپ ورهايا.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر جو چوڻ هو ته هن وزيراعظم جي هدايتن تي سفر جو آسان انداز اختيار ڪيو آهي، نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment