يورپي يونين ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي، ٻوڏ متاثرن لاءِ قرض

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



يورپي يونين پاڪستان کي ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ پاڻي جي فراهمي لاءِ مجموعي طور تي 160 ملين يورو جو قرض فراهم ڪندو، جنهن لاءِ 28 اپريل تي باضابطا قرض معاهدا ڪيا ويندا، اهي معاهدا يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ ڪيا ويندا. ايڪسپريس نيوز موجب يورپي يونين جي هن مالياتي پيڪيج مان 100 ملين يورو سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ فراهم ڪيا ويندا، ان رقم سان متاثر خاندانن کي آباد ڪرڻ لاءِ اٽڪل 21 لک گهر تعمير ڪرڻ ممڪن ٿيندو. يورپي يونين جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي 60 ملين يورو خرچ ڪيا ويندا، جنهن سان شهرين کي صاف پاڻي جي بهتر سهولت ملندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment